شڪارپور شهر ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻه زخمي، لاڙڪاڻي منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شڪارپور شهر جي صديقي ماڙي ڪالوني ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان گذريل ڏينهن مبينا جهيڙو ٿي پيو نتيجي ۾ هڪ ئي ڌر جا ٻه ڄڻا علي مردان ۽ علي اڪبر جتوئي سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمين جي وارثن چنيسر جتوئي ۽ ٻين دانهيو ته اسان جو مائٽن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تي اڄ مائٽن قلندر بخش، غوث بخش ۽ دلبر جتوئي ۽ ٻين حملو ڪري موبائيل فونن جي دڪان تي ويٺل علي مرادن ۽ علي اڪبر جتوئي کي ٺونشا، لتون، مڪون ۽ سروٽا هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن، جنهن جو اطلاع حد جي اسٽور گنج ٿاڻي تي ڏئي بعد ۽ زخمين کي چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو آهي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان ماڻهن مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.