فيس وڌائڻ خلاف مٺي جا شاگرد سراپا احتجاج، پريس ڪلب تائين ريلي

مٺي(بيوروچيف)سنڌ حڪومت پاران هائير سيڪنڊري جي شاگردن کان فيسون وٺڻ جي فيصلي خلاف مٺي ۾ صادق فقير بوائز ڊگري ڪاليج جي شاگردن پاران ڪاليج گيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا ويا،شاگردن ڪشور جئپال،لو لکاڻي،دسرت،اجيم داس،فھيم جھنجھي،شولال،وقار،جھامن ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته مفت ۾ تعليم ڏيڻ جي دعويدار سنڌ حڪومت پاران ھائير سيڪنڊري جي شاگردن کان فيسون اوڳاڙڻ جو عمل مڪمل غيرقانوني ۽ شاگرد دشمن آهي،پاڪستان جي آئين مطابق ھر شاگرد کي ھائير سيڪنڊري تائين مفت تعليم ڏيڻ حڪومت جو فرض آهي جنهن جي ابتڙ سنڌ جي سڀني ھائير سيڪنڊري ادارن ۾ 2500 کان 3000 تائين فيس ورتي پئي وڃي،شاگردن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان سمجھون ٿا ته ھي عمل محنتي غريب ۽ مسڪين شاگردن کي پوئتي ڌڪڻ جي سازش آهي جنهن کي ڪنهن به حالت به قبول نه ڪيو ويندو،اسان جو سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته فيسون وٺڻ جو فيصلو ھڪدم واپس وٺي ورتل فيسون پڻ واپس ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي مٺي جا مين روڊ بند ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.