گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ سوناري راجا دادواڻي جي دڪان مان سون سان ڀريل ٽجوڙي چوري ڪندڙ ٻه جوابدار فيصل آباد مان گرفتار خبرموجب صرافا بازار ۾ راجا دادواڻي جي دڪان مان سون سان ڀريل ٽجوڙي جوابدار چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا گهوٽڪي پوليس جي ڪوشش سان خفيه اطلاع تي ٻن جوابدارن امان الله پٺاڻ ۽ الهڏتو کي فيصل آباد مان گرفتار ڪري ورتو ۔پوليس جوابدارن کي گهوٽڪي ٿاڻي تي ڻي آئي مٿن ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.