ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائڻ جي بيان تي عمران خان کي شرم اچڻ گهرجي: مريم نواز

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائڻ جي بيان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي بيان ته ”ان کان بهتر هو پاڪستان تي ايٽم بم ڪيرايو وڃي ها“ جو ٽڪر شيئر ڪيو ۽ لکيو ته عمران خان! اسان جي ملڪ جي باري ۾ اهڙي مڪروهه ڳالهه ڪندي توهان کي شرم اچڻ گهرجي.

ان کان اڳ مريم نواز ٽوئيٽر تي چيو ته ماڻهن کي بيوقوف نه سمجهو، 4 سالن جي بدترين ڪارڪردگي جو حساب ڏيو.

ن ليگ اڳواڻ عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ان جي معيشت کي هن حال تي پهچائيندڙ توهان آهيو، سوال توهان کان ئي پڇيو ويندو ۽ جواب توهان کي ڏيڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.