وڏي وزير جي ڪي اليڪٽرڪ کي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ جي هدايت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته بجلي جي فراهمي بنا وقفي جي جاري رکي وڃي، لوڊشيڊنگ تي هر صورت ۾ ضابطو آندو وڃي.

ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ 17هين ”مائي ڪراچي“ نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته توانائي جي بحران تي نويد قمر کي اجلاس ڪوٺائڻ لاءِ چوندس.

هن ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ گرمي جي سخت لهر ۽ هيٽ ويو  بابت ڳالهائيندي چيو ته ٿڌي ڇانوَ هيٺان رهڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

مراد علي شاهه ڪمشنر کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام لاءِ پاڻي جي سهولت هر صورت ۾ ممڪن بڻائي وڃي، جڏهن ته اسپتالن کي به الرٽ رکيو وڃي، عوام پاڻي وڌيڪ استعمال ڪري.

وڏي وزير هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي چيو ته هن وقت گرمي گھڻي آهي، ان تي پاليسي جوڙي رهيا آهيون، گرمي ۾ ماڻهو ڪم نٿا ڪري سگھن، ان صورتحال ۾ مزدورن ۽ عام ماڻهن جو خيال رکڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.