ايشوريا راءِ شادي کان ڪيترائي سال اڳ سندور لڳائي پارٽي ۾ ڇو پهتي هئي؟

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ايشوريا راءِ جي هڪ پراڻي ۽ ناياب تصوير سامهون آئي آهي جنهن ۾ سندس مٿي تي سندور لڳل نظر اچي ٿو.

هتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اها تصوير 2001 ۾ فرح خان طرفان ڏنل پارٽي جي موقعي تي ورتي وئي هئي ۽ ان وقت ايشوريا راءِ جي شادي ڪونه ٿي هئي پوءِ هن سندور ڇو لڳايو هو، ان پٺيان به دلچسپ سبب آهي.

اها پراڻي تصوير فرح خان طرفان جاري ڪئي وئي آهي جنهن تي ڪيترن ئي فنڪارن پنهنجا ويچار ونڊيا آهن ۽ پراڻيون يادون تازيون ڪيون آهن.

هن تصوير ۾ فرح خان نظر ڪونه پئي اچي پر راني مکرجي، فرحان اختر، ڪرن جوهر ۽ ايشوريا راءِ شامل آهن.

سڀ کان وڌيڪ ڌيان ايشوريا تي وڃي رهيو هو ڇو ته سندس مٿي تي سندور لڳل هو.

فرح خان ان جو سبب بيان ڪيو آهي ته اها پارٽي هن پنهنجي نئين گهر خريد ڪرڻ جي موقعي تي دوستن لاءِ ڏني هئي ۽ ايشوريا راءِ شوٽنگ تان سڌو منهنجي گهر پهتي هئي.

ان وقت ايشوريا فلم ديوداس جي شوٽنگ ۾ رڌل هئي ۽ سندس مٿي تي سندور به شوٽنگ دوران ئي لڳايو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.