خبردار! مردن کي گنجو سڏڻ تي هراساني جو ڪيس ٿيندو

 

خبردار! هاڻ مردن کي گنجو سڏڻ تي هراساني جو ڪيس ٿيندو.

دنيا ۾ مرد توڙي عورتون گنجائپ جو شڪار هونديون آهن پر اها بيماري مردن ۾ عام آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي پنهنجا مڪمل وار يا وري انهن جي ڪجهه حصي کان محروم ٿي ويندا آهن، جنهن تي کين ساٿين طرفان مذاق جو نشانو بڻايو ويندو آهي.

پر هاڻ اهڙن مردن جي مدد لاءِ عدالت سامهون اچي وئي، جنهن مردن کي گنجو ڏسڻ جي معاملي تي پنهنجو فيصلو ٻڌايو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي ملازمن جي ٽربيونل فيصلو ڏنو آهي ته مردن لاءِ لفظ ”گنجو“ استعمال ڪرڻ جنس بابت ۽ امتيازي ورتاءَ جي برابر ٿي سگهي ٿو.

اهو فيصلو هڪ 64 ورهين جي اليڪٽريشن ٽوني فن جي معاملي ۾ سامهون آيو، جنهن يارڪشائر ۾ رهندڙ هڪ ننڍي خانداني ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي ساٿي خلاف ڪيس داخل ڪرايو.

ٽوني فن جو چوڻ هو ته کيس گنجو هجڻ جو مهڻو ڏنو ويندو آهي، جنهن سان سندس بي عزتي ٿيندي آهي، جنهن تي هن عدالت سان رابطو ڪيو.

فن جي جنسي هراساني جي دعويٰ کي درست مڃيندي ٽربيونل اهو به قرار ڏنو ته کيس 24 ورهين جي ملازمت کانپوءِ غير منصفاڻي طريقي سان عهدي تان هٽايو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.