شهناز گل به پاڪستاني گاني تي وڊيو ٺاهي ورتي

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجاب جي ڪترينا ڪيف اداڪارا شهناز گل کي به پاڪستاني گاني پسوڙي مزو ڏئي ڇڏيو.

پاڪستاني گاني پسوڙي سڄي دنيا ۾ سڃاڻ ٺاهي آهي ۽ ڀارت ۾ به فنڪارن جو ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي.

اهو گانو ڀارت ۾ به وائرل ٿي ويو آهي، هاڻ ڀارتي اداڪارا شهناز گل به پسوڙي تي وڊيو ٺاهي اپ لوڊ ڪئي آهي.

هن وڊيو ۾شهناز گل ڳاڙهي لباس ۾ سهڻي لڳي رهي آهي ۽ سندس اداڪاري جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته شهناز گل جلد سلمان خان جي فلم ”ڪڀي عيد ڪڀي ديوالي“ ۾ جوهر ڏيکاريندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.