بالي ووڊ مهيش بابو جهڙن فنڪارن جي لائق ناهي: ڪنگنا

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تڪراري اداڪارا ڪنگنا رناوت ڏکڻ ڀارت سان واسطو رکندڙ اداڪار مهيش بابو جي بيان تي سندس حمايت ڪئي آهي.

اداڪارا ڪنگنا رناوت جي نئين ايندڙ فلم ”ڌاڪڙ“ جي پروموشن دوران کانئس مهيش بابو جي بيان بابت سوال ڪيو ويو.

ڪنگنا رناوت جو پنهنجي بيان ۾ چوڻ هو ته مهيش بابو ٺيڪ چيو آهي، بالي ووڊ واقعي ۾ مهيش بابو جهڙن فنڪارن کي ڪاسٽ ڪرڻ جي قابل ناهي، سندس شهرت، خرچن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، ڇو ته تيلگو فلم اندسٽري بالي ووڊ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مقبوليت رکي ٿي.

هن چيو ته مهيش بابو جهڙن فنڪارن ئي تيلگو انڊسٽري کي ڀارت جي سڀ کان وڏي فلم جي انڊسٽري بڻايو آهي، اسان کي ڀارت ۾ ڳالهائي ويندڙ هر ٻولي جو احترام ڪرڻ گهرجي، بالي ووڊ جي ڪيترن ئي هدايتڪارن مهيش بابو جي فلمن ئي فلمون ٺاهي شهرت ماڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.