ڪنڌ ڪوٽ ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڳوٺ شاد محمد ملڪ جي رھواسين ملڪ برادري جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو
مظاھرين برڪت ملڪ عبدالمجيد شير محمد وقار ملڪ ۔ حاجي خان ملڪ ۽ ٻن احتجاج ڪندي چيو ته پوليس اھلڪار عطاء اللله ڀنگوار۽ ان جامائيٽ صدام ڀنگوار ۔ مورڀنگوار ۽ ٻن اسان جي گھرن تي بلاجواز حملو ڪري اسان جي نوجوانن ۽ عورتن کي لٺيون ھڻي زخمي ڪيو ھو جنھن پوليس اھلڪار عطاالله ڀنگوار۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن انهن جي پٺڀرايئ ڪري رھيا آھن ماڻھو به اسان جا زخمي ٿيا آھن ۽ پوليس به اسان جي گھرن تي بلاجواز چھڙھائي ڪري رھي آھي ھنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي امجد احمد شيخ کي اپيل ڪئي ته پوليس جي زيادتن جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو……………..