اهڙن ماڻهن کي آڻڻ کان بهتر هو ته ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏجي ها: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته مون کي اسٽيلبشمينٽ مان پيغام اچي رهيا آهن پر مان ڪنهن سان نه پيو ڳالهايان، مان انهن ماڻهن جا نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.

صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته شهباز شريف کانسواءِ به مير جعفر ۽ مير صادق جا ڪردار آهن، وقت اچڻ تي سڀني ڪردارن جا نالا کڻندس.

هن چيو ته جن ماڻهن کي آندو ويو، ان کان بهتر هو ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏجي ها، جيڪي ڏوهاري آندا ويا، انهن هر ادارو ۽ جڊيشل سسٽم تباهه ڪري ڇڏيو، ڪهڙو حڪومتي آفيشل انهن ڏوهن جي ڪيسن جي جاچ ڪندو؟

سندس چوڻ هو ته سازش ڪندڙن غلط اندازو لڳايو، کين خبر نه هئي ته مون کي هٽائڻ تي ايترو عوام روڊن تي نڪرندو.

تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته آخري ڏينهن تائين اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا رهيا انهن سان ٻن معاملن تي اتفاق نه رهيو، مقتدر حلقا چاهين پيا ته عثمان بوزدار کي هٽايان، کين ٻڌايو ته سنڌ ۾ گورننس ۽ ڪرپشن جون حالتون بدتر آهن، عثمان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي لڳايان ها ته پارٽي ۾ ڌڙابندي ٿي وڃي ها.

عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ٻيو ايشو جنرل فيض جي معاملي تي هو، مان چاهيو ته جنرل فيض سياري تائين ڊي جي آءِ ايس آءِ رهي، کيس برقرار رکڻ جو هڪ سبب افغانستان جي صورتحال هئي، اپوزيشن جي سازش جي  خبر پئي.

هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ مان پيغام اچي رهيا آهن پر مان ڪنهن سان نه پيو ڳالهايان، مان انهن ماڻهن جا نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن، جيستائين چونڊن جو اعلان نٿو ٿئي، تيستائين ڪنهن سان نه ڳالهائيندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.