”چونڊن جي تاريخ نه ڏني وئي ته اسلام آباد ايندڙ سمنڊ سڀني کي لوڙهي ڇڏيندو“

 

مردان (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊن جي تارخ نه ڏني وئي ته اسلام آباد ايندڙ سمنڊ سڀني کي لوڙهي ڇڏيندو، عوام فيصلو ڪندو ته پاڪستان جي قيادت ڪير ڪري.

مردان ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته توهان کي حقيقي آزادي جي جدوجهد ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، مان سياست نه پر انقلاب لاءِ گهرائي رهيو آهيان، پنهنجي خوف جون زنجيرون ٽوڙي اسلام آباد پهچو.

هن چيو ته شهباز شريف ۽ آصف زرداري آمريڪا جا غلام آهن ۽ نواز شريف کان وڌيڪ ڊڄڻو ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺو، فضل الرحمان کي مولانا نه چوندس، ڇو ته مذهبي عالمن جي گهڻي عزت ڪيان ٿو.

سندس موجب اسان جي سفير کي چيو ويو ته عمران خان کي هٽايو ته پاڪستان کي معاف ڪنداسين، ڇا اسان آمريڪين جا غلام آهيون، انهن جا نوڪر آهيون، ملڪ جي قيادت ڪير ڪندو، اهو فيصلو ڪو مفرور نه عوام ڪندو.

اڳوڻي وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته ان سازش جي کليل نموني جاچ ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.