ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته 30 مئي تي ڪراچي ۾ ريسڪيو 1122 سروس شروع ڪئي ويندي.
سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ سنڌ ريسڪيو 1122 سروس جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ۽ قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، صحت وارو سيڪريٽري ذوالفقار شاهه، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، ڊي جي صوبائي ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، سي اي او امن ۽ ورلڊ بينڪ جا نمائندا شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ ٽراما سينٽر ۽ ريسڪيو 1122 به 30 مئي تائين شروع ڪيو ويندو، صوبي جي ٻين ڊويزنز ۽ ضلعن ۾ به ريسڪيو 1122شروع ڪيو ويندو.
انڊس هاءِ وي ۽ موٽر وي تي 50 ڪلو ميٽر تي ايمبولينس، فائر برگيڊ اسٽيشن ٺاهيون وينديون، ريسڪيو 1122 جي آپريشن کانپوءِ ايمبولنس سان گڏ فائر برگيڊ به ريسڪيو 1122 تحت ڪم ڪندي.
اجلاس ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته ريسڪيو 1122 جي تحت ڪراچي ۾ 50 ايمبولينسز سان 30 مئي تي آپريشن شروع ڪيو ويندو، ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي بحالي، ٽرانسپورٽ جي فراهمي کانپوءِ ريسڪيو 1122 به شروع ڪري رهيا آهيون، ڪراچي ۾ هر 10 ڪلو ميٽرن تي هڪ ريسپانس سينٽر ٺاهيو ويندو.