سون جي قيمت ۾ اڄ وڏي لاٿ ٿي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 700 رپين جي لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 35 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون جو قدر 600 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 998 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 28 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1818 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.