ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ ڪهڙيون ۽ ڪيتريون وزارتون ملنديون؟ معاملا طئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ، ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شموليت جي باضابطا دعوت ڏئي ڇڏي ۽ ان حوالي سان معاملا به حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ چار وزارتون ڏنيون وينديون، جنهن لاءِ ايم ڪيو ايم خواجا اظهار الحسن، محمد حسين، جاويد حنيف ۽ ڪنور نويد جميل جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي ملندڙ وزارتن ۾ مڪاني، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، گڏيل معاملا ۽ نوجوانن جا معاملا، جنهن ۾ راندين ۽ ثقافت جا شعبا به شامل آهن، جڏهن ته امڪان آهي ته اڳوڻي ميئر وسيم اختر کي صلاحڪار بڻايو ويندو، ان کانسواءِ ڪراچي۽ حيدرآباد جا ايڊمنسٽريٽر به ايم ڪيو ايم جا هوندا.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جلد طئي ٿيل معاهدي تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقات ڪندي، جڏهن ته معاهدي تي عملدرآمد ۽ قانونسازي جي حوالي سان ٻنهي پارٽين جي ميمبرن جي روزاني جي بنياد تي ملاقات ۽ مشاورت جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.