”ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان فوج جي اندر جي سوچن جي ترجماني ڪري ٿو“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان فوج جي اندر جي سوچن جي ترجماني ڪري ٿو.

هڪ بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ڇهون ڀيرو ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوج کي سياست ۾ نه گهليو، ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان فوج جي اندر جي سوچن جي ترجماني ڪري ٿو.

هن چيو ته بلاول کي هڪ وزير مارشل لا جي ڌمڪي ڏئي ٿو، جيڪا هڪ ڪِريل مذاق آهي.

سندس چوڻ هو ته هڪ ئي حل آهي ته عبوري حڪومت ٺاهي وڃي ۽ اليڪشن ڪرائي وڃي، اليڪشن نه ڪرائي وئي ته ملڪ ۾ سريلنڪا جهڙيون حالتون ٿي سگھون ٿيون ۽ حالتون خراب ٿيون ته ڪنهن جي هٿ ڪجهه نه ايندو ۽ ٻهارو ڦري ويندو.

شيخ رشيد چيو ته ڊالر 200 رپيا ٿيڻ وارو آهي، ملڪ ڊيفالٽ به ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.