اوگرا ايل اين جي جو اگهه وڌائي ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) مئي لاءِ ايل اين جي، جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

اوگرا نوٽيفڪيشن موجب مئي لاءِ سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي، جي سراسري قيمت 6.22 ڊالرز في ايم ايم بي ٽي يو واڌ کانپوءِ نئين قيمت 21.888 ڊالرز في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي قيمت ۾ 6.87 ڊالرز في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وئي آهي ۽ نئين قيمت 23.78 ڊالرز هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.