ڏند صاف سٿرا بڻائڻ ۽ چمڪ بحال ڪرڻ جو انتهائي سولو طريقو

 

وقت سان گڏوگڏ اسان جي ڏندن جي چمڪ ختم ٿيندي ويندي آهي ۽ اهي پيلا به ٿي ويندا آهن، جنهن سبب اسان کي ماڻهن ۾ ويهڻ کان لَڄ ٿيندي آهي ۽ اعتماد به گهٽجي ويندو آهي.

ڏندن کي صاف سٿرو ۽ چمڪيلو بڻائڻ لاءِ ماڻهو هزارين رپيا لڳائي علاج ڪرائيندا آهن پر توهان کي خرچ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، اسان توهان کي هڪ اهڙو گهريلو ٽوٽڪو ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن سان توهان گهر ويٺي پنهنجي ڏندن کي صاف سٿرو بڻائي سگهو ٿا، ان لاءِ توهان کي رڳو ٻن شين لوڻ ۽ سرنهن جي تيل جي ضرورت پوندي، جيڪي هر گهر ۾ موجود هونديون آهن.

ڏندن کي صاف سٿرو بڻائڻ ۽ انهن جي چمڪ بحال ڪرڻ لاءِ توهان سرنهن جي تيل ۾ ٿورڙو لوڻ ملائي ان کي چڱي طرح حل ٿيڻ ڏيو، پوءِ برش جي مدد سان ڏندن ۾ گهمايو، توهان چاهيو ته ان ۾ هڪ چپٽي هيڊ به شامل ڪري سگهو ٿا، ان کانپوءِ توهان کي توٿ پيسٽ سان برش به ڪرڻو پوندو.

ان نسخي تي عمل ڪرڻ سان توهان جو ڏند صاف سٿرا ٿي ويندا ۽ انهن جي چمڪ بحال ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.