ڊالر جو نئون رڪارڊ، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 193 رپين جو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر 193 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

ڊالر جي قدر ۾ واڌ ۽ رپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو برقرار آهي، جمعي جي صبح جو ڊالر جي قيمت ملڪي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي.

جمع جي صبح انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ هڪ رپيو 3 پئسا اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ ڊالر جو قدر  193 رپين کان وڌيڪ ٿي ويو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 193رپين کان وڌيڪ قيمت تي پهچي ويو.

پهرين اپريل کان هن وقت تائين ڊالر لڳ ڀڳ 8 رپين تائين مهانگو ٿي چڪو آهي، سياسي عدم استحڪام ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ۾ ناڪامي جي ڪري ڊالر بي قابو ٿيو.

واضح رهي ته پرڏيهي ادائيگين ۽ درآمدي بل جي ڪري ناڻي ذخيرن تي پوندڙ دٻاءَ سان ناڻي شرح به گھٽ ٿي رهي آهي.

نئين حڪومت اڃا تائين سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ڪويت سميت دوست ملڪن کان ڪو بيل آئوٽ پيڪيج وٺڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جڏهن ته چين کان به تازو ئي پوري ٿيندڙ قرض جي مدي ۾ واڌ نه ٿي سگھي ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ به خدشا پيش آهن.

ناڻي ذخيرن ۾ گھٽتائي، قرضن جي مدي ۾ واڌ، بيل آئوٽ پيڪيج سميت ڪيترن مسئلن جا اثر فاريڪس مارڪيٽ تي به پئجي رهيا آهن، جنهن سان رپئي جو قدر لاٿ جو شڪار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.