ٽوئيٽر جي خريداري، ايلون مسڪ يوٽرن وٺي ڇڏيو

 

دنيا جي امير ترين شخص ٽوئيٽر خريدڻ کانپوءِ خريداري جي منصوبي تي عارضي طور عملدرآمد روڪي ڇڏيو.

ايلون مسڪ 44 ارب ڊالرن ۾ ٽوئيٽر خريدڻ جو فيصلو ڪيو هو پر هاڻ هن ان فيصلي کي عارضي طور تي روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ايلون مسڪ ان جو سبب جعلي اڪائونٽن جي حوالي سان جاري ٿيندڙ رپورٽ ٻڌايو آهي.

هن وقت ٽوئيٽر واهپيدارن جو انگ تقريبن 22 ڪروڙ 90 لک آهي ۽ ڪمپني طرفان مئي جي شروعات ۾ اندازو لڳايو ويو هو ته ان جا 5 سيڪڙو کان گهٽ اڪائونٽ جعلي يا اسپام آهن.

ايلون مسڪ ڪجهه عرصو اڳ چيو هو ته ٽوئيٽر تان اسپام بوٽس کي هٽائڻ ان جي ترجيح ۾ شامل آهي ۽ هاڻ هن چيو ته ان ڳالهه جي تصديق ٿيڻ گهرجي ته واقعي ٽوئيٽر ۾ جعلي ۽ اسپام اڪائونٽن جو انگ مجموعي انگ کان 5 سيڪڙو گهٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.