عمران خان جي گرفتاري جو اشارو ملي ويو

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت ۽ ڪابينا کي فيصلو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اتحادي حڪومت عمران خان جي گرفتاري جو فيصلو ڪيو ته بلڪل عمران خان کي گرفتار ڪيو ويندو.

هن چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ هڪ ڪوڙ ۽ فراڊ آهي، اسان تي ان جو ڪو دٻاءُ ناهي، اهو ڪو مسئلو ناهي، ان کي قابو ڪري وٺنداسين، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏنو ويندو.

عمران خان جي گرفتاري يا نظربندي جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته فيصلو اتحادي حڪومت ۽ ڪابينا کي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن فيصلو ڪيو ويو ته ان کي گرفتار يا نظربند ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.