شزا فاطمه نوجوانن جي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ايم اين اي شزا فاطمه خواجا کي نوجوانن جي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شزا فاطمه جي خاص مددگار طور مقرري ڄاڻايل رولز جي شيڊيول 5-اي جي سيريل نمبر ون-اي سان گڏ پڙهيل رولز آف بزنس، 1973 جي قاعدي 4 (6) موجب ڪئي وئي آهي.

قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ موجب شزا فاطمه جي خاص مددگار طور مقرري کانپوءِ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو انگ 46 ٿي ويو آهي، جن ۾ 34 وفاقي وزير، 5 مملڪتي وزير، 4 خاص مددگار ۽ 3 صلاحڪار شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.