اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مان ”نيوٽرلز“ کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن سازش ڪامياب ٿي ته معاشي بحالي ٻڏي ويندي.
سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ عمران خان چيو ته اڄ پاڪستاني رپيو تاريخ جي گھٽ ترين سطح 193 تي آهي، جيڪو 8 مارچ ۾ 178 تي هو، وياج جي شرح 1998 کانپوءِ 15 سيڪڙو جي بلند ترينسطح تي آهي.
هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ 3000 پوائنٽس يا 6.4 سيڪڙو تائين ڪِري چڪي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ 604 ارب رپين جي ڪيپيٽلائزيشن وڃائي چڪي آهي ۽ مهانگائي جنوري 2020 کانپوءِ 13.4 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي آهي، اهي سڀ امپورٽڊ حڪومت تي تاريخ جي گھٽ ترين اعتماد جون علامتون آهن.
Rupee at all time low Rs193/$ (from Rs178/ on 8March); Interest rates at 15% highest since 1998; stock market down 3,000 pts or 6.4%; stock market lost Rs604 billion capitalisation; Inflation 13.4% highest since Jan 2020. Reflects lowest ever confidence in Imported government.
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) May 13, 2022
سندس چوڻ هو ته مارڪيٽ پاليسي ۽ قدمن جي منتظر آهي، جيڪو فراهم ڪرڻ ۾ امپورٽڊ حڪومت مڪمل ناڪام رهي آهي.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين لکيو ته مان ۽ شوڪت ترين ”نيوٽرلز“ کي تنبيهه ڪئي هئي ته جيڪڏهن سازش ڪامياب ٿي ته اسان جي معاشي بحالي ٻڏي ويندي، اهو سڀ هاڻي ٿي چڪو آهي.