شهبازشريف ۽ حمزا خلاف جاچ بند، احتساب جو نظام ختم،سوشل ميڊيا تي تنقيد

اسلام آباد(م ڊ) ايف آءِ اي فيصلو ڪيو آهي ته اها وزيراعظم شهبازشريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز خلاف ڪيسن جي پيروي نه ڪندي، ان فيصلي تي ن ليگ جي حڪومت خلاف تنقيد جو هڪ طوفان کڙو ٿيو آهي، تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ايجنسي جي ان فيصلي سان پي ٽي آءِ کي فائدو ٿيندو، ايف آءِ اي اهو فيصلو هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيو آهي جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ خاص عدالت ڪجهه ئي ڏينهن ۾ 16 ارب جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ شهبازشريف ۽ حمزا شهباز خلاف فردجرم لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ واري آهي، ان حوالي سان ايف آءِ اي جي ڊي جي پاران جيڪو بيان عدالت ۾ جاچ آفيسر ذريعي جمع ڪرايو ويو آهي ان مطابق ايف آءِ اي پنهنجي آفيسرن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، ان جو سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته شهبازشريف ملڪ جو وزيراعظم ۽ حمزا شهباز پنجاب جو وڏو وزير آهن، جواب ۾ چيو ويو ته ڪيس جي پيروي ۾ دلچسپي نٿا رکون، تجزئي نگار حبيب اڪرم  ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ته چئي رهي هئي ته پ پ ۽ ن ليگ اقتدار ۾ رڳو پنهنجي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ آيون آهن، هاڻي ايف آءِ اي جي ان فيصلي سندن ان ڳالهه کي صحيح ثابت ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته نه رڳو ايف آءِ اي کي روڪيو ويندو بلڪه نيب جو ادارو به غيرموثر ٿي ويندو، ان سان ن ليگ جو سياسي نقصان ٿيندو، لاهور سان تعلق رکندڙ ايف آءِ اي جي هڪ اڳوڻي سينئر آفيسر ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته ايجنسي جا عملدار ۽ اهي آفيسر جيڪي شهبازشريف، حمزا شهباز ۽ شريف خاندان جي ڪرپشن جي حوالي سان جاچ ڪري رهيا هئا اهي سخت دٻاءُ ۾ آهن، هڪ آفيسر رضوان دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو، ان سبب سمورن آفيسرن ۾ بيچيني آهي، نه رڳو هن کي هٽايو ويو بلڪه هن جي ماتحت آفيسرن کي به هٽايو ويو، هن چيو ته پاڪستان ۾ احتساب جو نظام مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي، ان فيصلي تي سوشل ميڊيا تي به صارف حڪومت تي تنقيد ڪري رهيا آهن، هڪ ٽوئيٽر صارف لکيو ته وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير  کي ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اقبال آفريدي چيو ته ڏوهارين کي ڇوٽ ڏني وئي آهي، تاثر ويندو ته عام شهري لاءِ الڳ ۽ طاقتور لاءِ الڳ قانون آهي، ڊي ڊبليو ن ليگ اڳواڻن جي موقف لاءِ رابطو ڪيو پر انهن فون اٽينڊ نه ڪيو نه ئي پيغامن جا جواب ڏنا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.