سنڌ حڪومت جي ڪوشش سان بسون اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سڌ سماء، ٽراسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي بندرگاهه پهچي ويو . صوبائي وزير محنت سعيد غني پڻ ساڻس گڏ هو. صوبائي وزيرن چين مان پھتل بسن جو معائنو ڪيو.  ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سڀ کان پهرين  ڪراچي جي رھواسين،  ڀينرن، ڀائرن، بزرگن ۽ شاگردن کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو. سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان ڪراچي ۾ بسن جي اچڻ جو سلسلو  شروع ٿي چڪو آهي. پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي پهرين فليٽ پهچي وئي آهي. صوبائي وزير چيو ته پروجيڪٽ  تحت پهرين فيز ۾ 240 بسيون اچڻيو ن آھن، 49 پهچي چڪيون آهن. ايندڙ هفتي وڌيڪ بسون اينديون، بسن جو مڪمل فليٽ 20 جون تائين پهچي ويندي . شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته عبدالستار ايدهي (اورينج لائن) جي مڪمل فليٽ اچي چڪي آهي، جنھن 20 بسون شامل آهن. ھن چيو ته پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جلد شروع ڪئي ويندي،  جڏهن ته اورينج لائن جو ٽريڪ جيئن ئي مڪمل ٿيندو، ان تي به بسون ھلڻ شروع ٿي وينديون. شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين جو پراڻو مسئلو حل ڪرڻ وڃي رهي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري جي خصوصي دلچسپي ، وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ اڳوڻي ٽرانسپورٽ کاتي جي وزير سيد اويس شاهه جي  ڪاوشن سان اهو سڀ ممڪن ٿيو آهي. اهو سلسلو اتي ڪونه رڪبو ، بسن جو انگ هزارن ۾ وڌائينداسين . شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي جي شهرين کي سٺي ۽ بهترين ٽرانسپورٽ جي سهولت ملي ويندي ۽ اهو سلسلو ڪراچي تائين محدود ناهي، سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ ٽرانسپورٽ جون ميگا اسڪيمون آڻي رهيا آهيون. ڪجهه سالن ۾ سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جو بهترين انفراسٽرڪچر مڪمل ٿي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.