مانجهند حادثي جا فوتي ڀريا لڳ مٽي ماءُ حوالي، هر اک آلي، ڪاروبار بند

ڀرياسٽي/مانجهند ( رپورٽ:مجيد ڪيريو+ بابو عمراڻي) مانجهند حادثي جا فوتي مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا آهن. 15 پورهيتن جا لاش سندن اباڻي ڳوٺن ۔ڳوٺ حسين ڪلهوڙو۔ ڳوٺ حيدر ڪلهوڙو ڪنڊائي ۔ ڳوٺ جمعو ڪلهوڙو۔ ڳوٺ مريد ڪلهوڙو ۽ ڳوٺ آخري اسٽاپ پهچڻ  تي ڪهرام مچي ويو. پورهيت نوجوانن جا مڙهه اباڻي گهرن ۾ پهچڻ تي سندن مائرن ۔ ڀينرن ۽ ونين کي بيهوش جا دوار پئجي ويا. هزارن جي تعداد ۾ شهري توڙي سماجي اڳواڻن صحافين ۽ ڳوٺاڻن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز تاشفين عالم ، اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا شاهد حسين سرڪي، اڳوڻو ضلعي نائب ناظم سيد حسن علي شاهه، اڳوڻو صوبائي صلاحڪار عثمان عالماڻي، سيد امير علي، سهيل عباسي سميت ٻيا جنازي نماز پڙهڻ بعد فورن واپس روانا ٿي ويا. فوتين جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن سخت ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته غريب مسڪين پورهيتن جي ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي۔جڏهن ته ٻه والدين جنازي نمازدوران لخت جگرن جي ڏک ۾ بيهوش ٿي ويا، گرمي ۾  پنج کان مٿي ڳوٺاڻا بيهوش ٿي ويا . مانجهند ٿاڻي تي گذريل ڏينهن روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 17 ڄڻن جو ڪيس ٽرڪ مالڪ ۽ ڊرائيور تي داخل ڪيو ويو  داخل ڪيو ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.