سنڌ جي بئراجن تي پاڻي کوٽ 61 سيڪڙو ٿي وئي

سکر (رپورٽ:اظھر علي دايو) سنڌ صوبي جي ٽنھي بئراجن جي ڪئنالن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪندي پئي وڃي. کوٽ  61سيڪڙوتي پھتل آھي سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 51سيڪڙو ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 69سيڪڙو تي پھتل آھي گڊو بئراج جا بيگاري سنڌ فيڊر، ڊيزرٽ پٽ فيڊر ،۽ گھوٽڪي فيڊر ۾ سئو سيڪڙو کوٽ سبب ڪئنال نه کلي سگهيا ، ٻئي طرف پنجاب تڪراري چشما جھلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسان پنجند لنڪ ڪئنالن ۾ 4ھزار400سو ڪيوسڪ پاڻي زبردستي کنيو پيو وڃي.تونسا بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھو وھڪرو 73ھزار77ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 64ھزار674ڪيوسڪ آھي جڏھن ته تونسان بئراج وٽان سنڌ جي لاءِ ڇڏيل ۽ غائب ٿي ويل 13ھزار ڪيوسڪ پاڻي ست ڏينھن گذرڻ جي باوجود گڊو بئراج وٽ ناھي پھتو.ان ڏس ۾ سکر بئراج ڪنٽرول روم جي انچارج مولانا عبدالعزيز سومرو سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته تونسا بئراج وٽان ڇڏيل پاڻي آھستي آھستي سنڌ ۾ داخل ٿئي پيو پر ھن رفتار سست ان جي ڪري آھي ته نئون پاڻي آھي ۽ درياھن ۾ وھڪرا گھٽ آھن گذريل 24ڪلاڪن دوران گڊو بئراج وٽ 1600ڪيوسڪ سکر بئراج وٽ 1200ڪيوسڪ مجموعي طور تي ٻنھي بئراجن تي 2ھزار800ڪيوسڪ پاڻي ۾ واڌ آئي آھي. ٻئي طرف ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.