عمران پاران ڊپٽي اسپيڪر رولنگ بابت عدالتي فيصلي تي نظرثاني اپيل

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بي اعتمادي رٿ بابت ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي. عمران خان طرفان داخل  ڪيل اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ 7 اپريل تي بي اعتمادي رٿ تي 9 اپريل تي ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت جي 7 اپريل جي فيصلي ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن جن تي نظرثاني جي ضرورت آهي. عمران خان نظرثاني اپيل ۾ استدعا ڪئي آهي ته اسيمبلي جي ڪارروائي دوران ڊپٽي اسپيڪر آئين جي آرٽيڪل 5 تي عمل ڪيو. حڪومت جي سربراهه جو ڊپٽي اسپيڪر جي قدمن سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي. ان ڪري سپريم ڪورٽ 7 اپريل جي فيصلي تي نظرثاني ڪندي ان کي رد ڪيو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.