سنڌ ۾ ھن وقت سخت ڏڪار واري صورتحال آهي: سنڌي هاري تحريڪ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي، ڪرڙ ريٻاري، غلام حسين سولنگي، بچل احمداڻي شوڪت سريوال  ۽ ٻين چيو آھي ته پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري سنڌ ھڪ برپٽ، بيابان جو ڏيک ڏئي رھي آھي، سنڌو درياھ ۾ ڪوٽڙي کان ھيٺ واري پئي اڏامي. وفاقي حڪومت لنڊن ياترائون ۽ سنڌ حڪومت سکڻي بيان بازي ڪري رھي آھي. جاري ڪيل بيان ۾ اڳواڻن چيو ته سنڌ سان پاڻي جي سلسلي ۾ مسلسل ظلم ڪيو پيو وڃي سنڌ ۾ ھن وقت سخت ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، تونسا پنجند، چشما جھلم لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن، اھي فوري طور تي بند ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.