جسقم پاران پاڻي کوٽ خلاف 19 مئي تي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ

حيدرآباد(پ ر ) جسقم جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف 19 مئي تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، مرڪزي پڌرائي وڌيڪ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌو درياءَ مان واري پئي اُڏامي سنڌو درياھ جي پاڻي تي پنجاب طاقت جي بنياد تي قبضو ڪيون ويٺو آهي، 1991ع جي تڪراري پاڻي معاهدي تي به عمل نٿو ڪيو وڃي،91 پاڻي معاهدي تحت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم ايف پاڻي ڇڏڻو آهي، جنهن تي پڻ عمل نٿو ڪيو وڃي، 19 مئي تي سڄي ۾ سنڌو درياءَ جي لهرن جي واپسي لاءِ تاريخي احتجاج جو ڪيو ويندو، هن چيو ته سنڌ کي 1945 جي پاڻي معاهدي تحت پاڻي نه ڏنو ويو ته پنجاب ويندڙ رستا بند ڪنداسين، جڏهن ته ٻئي طرف حيدرآباد سينٽرل جيل تي جسقم مرڪزي سينئروائس چيئرمين امجد خان مهيسر، مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، آڪاش ملاح، ايا ڪورائي جي اڳواڻي ۾ جسقم جو وفد پهتو، سن جي اسيرن جسقم اڳواڻ پير گلزار شاھ، اياز ديشي ،محمد علي اڄڻ ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.