ريتي ويجهو پسند پرڻي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان قتل، لاش رکي ڌرڻو

ميرپورماٿيلو/ريتي/ڏهرڪي/اوٻاوڙو (نمائندا) ريتي ويجهو کينجهو ۾ لاشاري ۽ شر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ جي نتيجي شاهد لاشاري سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي ڏھرڪي اسپتال منتقل  ڪيو ويو ڳڻي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو ته هن رستي ۾ فوت ٿي ويو، جنھن بعد وارثن پوليس ۽ جوابدارن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ميرپورماٿيلي ۾ ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو نيشنل ھاءِ وي تي مقتول نوجوان جو لاش رکي نٽھڻ اس تي ڌرڻو ھڻي ٻئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا مقتول جي والد شھمير لاشاري، ڀاءُ عبدالرشيد لاشاري ۽ امڙ مائي جوائي لاشاري دانھيندي چيو ته ڪجهھ ڏينھن اڳ جوابدار عبدالغفار شر پاران عبدالرشيد لاشاري جي زال زينت کي گھران ڀڄائي ساڻس نڪاح جي مٿان نڪاح ڪيو. اھڙي پٽيشن داخل ڪرڻ بعد غفار شر وارا روز حملا ۽ ڌمڪيون ڏيندا ھئا. پوليس ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ ڌر بڻجي جوابدارن کي سپورٽ ڪري رھي آھي ھنن چيو ته پوليس جي مدد ھئڻ ڪري جوابدارن اسان جي نوجوان شاهد لاشاري جي رستا روڪ ڪري مٿس لٺين ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪيو، ھنن ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪندي چيوتہ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسانکي تحفظ ۽ انصاف فراھم  ڪيو وڃي، ٻي طرف ايس ايڇ او ريتي اربيلو سميجو، ڪمپلين برانچ انچارج سب انسپيڪٽر ابراھيم بوزدار، ڊي آءِ بي انچارج اي ايس آءِ اصغر جسڪاڻي ۽ ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو اختر وسير سميت ٻيا آفيسر روڊ کولرائڻ لاءِ مظاھرين کي منٿون ڪيون پر مظاھرين روڊ کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڌرڻي جي ھڪ ڪلاڪ بعد ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو عبدالوحيد ڀٽو مظاھرين کي دڙڪا دھمان ڪري لاش کي زبردستي کڻائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.