ٽنڊوباگو: پورهيت جي نياڻي پاران مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان

ٽنڊوباگو(رپورٽ: دوست محمدچانڊيو)ٽنڊي باگي جي وارڊنمبر2جي رهواسڻ موچي جوڪم ڪندڙجگومل جي نياڻي ڪويتاميگهواڙ پاران ايندڙمڪاني چونڊن ۾حصووٺڻ جواعلان ڪري پيپلزپارٽي پاران اميدواربيهڻ جواعلان ڪري ڇڏيوڪويتاميگهواڙٻڌايوته هوانٽرپاس آهي ۽سندس ڀاءُ۽پيءُ  موچي جوڪم ڪنداآهن سندن تعلق هندوغريب گهراڻي سان آهي هوپاڻ به ڀرت  جوڪم ڪندي آهي پرهن دفعي هومڪاني چونڊن ۾وارڊنمبر2مان ڪائونسلرجي سيٽ تي مقابلوڪندي هن اميدظاهرڪئي ته هو ڪائونسلرجي سيٽ کٽڻ کان پوءِ ٽنڊي باگي جي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين طوراليڪشن وڙهندي هن ٻڌايوته هن پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پ۔پ۔پ جي مقامي قيادت وٽ ٽڪيٽ لاء فارم جمع ڪرايوآهي هن اهو به ٻڌايوته پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت مان کيس اميدآهي ته ٽڪيٽ ڏنوويندوڪويتاٻڌايوته کيس ٽڪيٽ نه مليوته هوآزاداميدوارطورمقابلوڪري ۽ اليڪشن کٽي ويندي هن چيوته هوغريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿي تنهڪري اليڪشن ۾بيهڻ سندس اهوئي مقصدآهي ته هواليڪشن کٽي ۽غريبن جامسئلاحل ڪري،نينگري جي والدجڳوميگهواڙٻڌايوته شهر۾سندس موچي جودوڪان آهي پرهوان ڳاله ۾خوش آهي ته سندس نياڻي پڙهيل لکيل آهي ۽اليڪشن ۾حصووٺي رهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.