وفاق ۽ اوگرا سميت ٻين ادارن کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪي اليڪٽرڪ پاران  بجلي جي يونٽ ۾ وڌيڪ پئسا رکڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته سئي سدرن گئس پاران قدرتي گئس بجاءِ آر اين جي ايل فراهم ڪيو پيو وڃي.بيرسٽر ايان علي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي عدالتي حڪم جي باوجود گئس نه ڏنو پيو وڃي، وفاقي حڪومت پاران جواب نه جمع ڪرايو ويو آهي، ڪراچي جا شهري متاثر ٿي رهيا آهن. عدالت ۾ اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت جو جواب اچي ويو آهي .جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ۾ چيو ته جواب ملي ويو آهي ته فائل ۾ ڇو نه لڳايو ويو آهي، گذريل ٻڌئي تي به اهڙي صورتحال هئي.ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته حڪومت جي جواب سان ڪي اليڪٽرڪ کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. عدالت وفاق ۽ اوگرا سميت ٻين ادارن کي ٻن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪي اليڪٽرڪ کي گئس ڏيڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.