لنڊن(م ڊ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته قومي قيادت کي ذميواري سان ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻو آهي، اسان جي جيڪا مشاورت ٿي آهي ان تي اتحادين کي به اعتماد ۾ وٺنداسين، لنڊن ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، اسان جي هڪ اتحادي حڪومت آهي، چاهيون ٿا ته فيصلا مشاورت سان ٿين،