بلوچستان ۾ لوڊشيڊنگ تي اسلم ڀوتاڻي جو قومي اسيمبلي ۾ احتجاج

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اسلم ڀوتاڻي اعتراض واري نقطي تي چيو ته بلوچستان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ 18، 18 ڪلاڪ جاري آهي، بلوچستان جي سرزمين تي ٻه هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، بلوچستان جي ڪل بجلي  جي ضرورت 1800 کان 1900 ميگاواٽ آهي، جيڪڏهن اها ئي بجلي اسان کي ڏني وڃي ته اسان جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، لسٻيله ۾ صرف 2 ڪلاڪ بجلي آبادگارن کي ڏني ويندي آهي، اسپيڪر مسئلوحل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.