اسلام آباد(م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سربراهه اسفنديار ولي چيو آهي ته 12 مئي 2007ع جا شهيد جمهوريت جا شهيد آهن جن جمهوريت جي بحالي لاءِ جانيون قربان ڪيون، اڄ انهن جي قربانين عيوض پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ۽ پارليامينٽ فعال آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عدليه جي بحالي لاءِ جانين جون قربانيون ڏيندڙ اڄ به انصاف جا منتظر آهن. اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي بحالي کان پوءِ ڪيس کي منتقي انجام تائين نه پهچائڻ افسوسناڪ ۽ تاريخي جبر آهي. افتخار چوڌري مقصد حاصل ڪيو پر ان جي بحالي لاءِ جانيون قربان ڪندڙن بابت پڇيو به نه.