پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان زيادتي ٿي رهي آهي،انصاف ڌر بڻيل آهي: سنڌ آبادگار

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد سنڌ ۾ پاڻي جي  شديد کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي پاڻي ورهاست ۾ سنڌ سان زيادتي ٿي رهي آهي ارسا پاڻي جي فراهمي ۾ انصاف نه پئي ڪري. سنڌ آبادگار اتحاد جو اجلاس صدر نواب زبير ٽالپر جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ٿيو. جنهن ۾ محمد انوار، جاويد رياڙ، محمد شريف نظاماڻي، حاجي خان محمد ڪمبوهه، عبدالرحيم درس، محب علي مري، عبدالرزاق ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ارسا طرفان پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جي مذمت ڪئي وئي، اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي پر ارسا اختيارين طرفان تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جمع ڪري فلڊ ڪينالز کوليا ويا آهن پنجاب ۾ پاڻي جي مانيٽرنگ لاءِ مقرر سنڌ جي آبپاشي کاتي جا عملدار سرزمين تي مانيٽرنگ ڪرڻ بدران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ترسيل آهن، سنڌ حڪومت پاڻي تي سياست ڪري رهي آهي، مسئلو حل ڪرڻ ۾ سنجيدا نه آهي، اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مستقل ڪينالن تي ساريون پوکڻ تي پابندي لاڳو ٿيل آهي پر ان باوجود ساريون پوکيون ويون آهن سارين جي پوکي تي لڳايل پابندي تي عمل ڪرايو وڃي، اجلاس ۾ زرعي ڀاڻ جي کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي آبادگارن کي ڀاڻ فيڪٽرين تان فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر روهڙي ڪينال پاران پاڻي جي ورهاست ۾ انصاف نه ڪرڻ تي کيس عهدي تان هٽائي رينجرز مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر چيو ته ڀارت سان واپار کولڻ جي ڳالھه ٻولھه هلي رهي آهي جنهن سان ملڪ جي هارين کي وڏو مالي نقصان ٿيندو، هن چيو ته زراعت سان لاڳاپيل سبسڊي مليل اسڪيمن بابت ڪا به ڄاڻ هيٺين سطح تي نه پئي ڏني وڃي، اسڪيمن جي ريجنل سطح بدران ضلعي سطح تي منتقل ڪيو وڃي جنهن سان زرعي پيشا ماڻهن کي وڏو فائدو ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.