شهباز حڪومت ۾ به ڊالر کي پرلڳي ويا، 193 رپين تي پهتو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ آمريڪي ڊالر جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو  آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 75 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 191 رپيا 77 پئسا تي بند ٿيو. ڪاروباري هفتي جي شروعاتي 4 ڏينهن ۾ ڊالر 5 رپيا 14 پئسا مهانگو ٿيو آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ملڪ جي انٽر بئنڪ فارن ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ ڊالر سوا 34 رپيا مهانگو ٿيو آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 193 رپين جو آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 50 پئسا وڌي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.