سياسي تڪرارن لاءِ مذهب جو استعمال درست ناهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي مسجد نبوي صه واقعي تي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله مسجد نبوي صه واقعي تي  فواد چوڌري، قاسم سوري ۽ شهباز گل جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ فواد چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي درخواستن کي گڏ ڪري ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران فواد چوڌري عدالت ۾ بيان ڏنو ته مان حاضر ٿي ويو آهيان، حيران آهيان ان ڪيس تي، مارشل لا به رهي پر ڪنهن حڪومت توهين مذهب جي قانون کي ان طرح استعمال ناهي ڪيو،. جسٽس اطهر من الله  ريمارڪس ڏنا مذهب کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ پاڻ توهين مذهب آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هڪ پرڏيهي کي سيالڪوٽ ۾ ماريو ويو ۽ مشال خان واقعو به سامهون آهي، هتي جيڪي به ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، انهن جي درست خبر نٿي پوي.عدالت مسجد نبوي صه واقعي تي ڪيسن خلاف قاسم سوري جي درخواست تي وفاق ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.