سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ تي سنڌ جو وفاق سان احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير سان ملاقات ۾ صوبي جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ وارو معاملو اٿاريو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾  خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو ته هڪ پاسي ڏينهن ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي عوام کي واڌو بل جاري ڪيا پيا وڃن. وفاقي وزير سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته ٻنهي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاھھ ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ وارو معاملو پڻ وفاقي وزير آڏو اٿاريو. وفاقي وزير وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته هو ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا سان اجلاس ڪري رهيو آهي ۽ کين سندن خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.