سازش روڪڻ وارن کي ٻڌايو ته معيشت سنڀالي ڇڏي، هاڻي تباهي جو ذميوار ڪير آهي: عمران خان

اٽڪ(ن ع آ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته تمام وڏو فيصلو ٿيڻ وارو آهي، هي وقت اسان جي حقيقي آزادي جي جنگ جو آهي، اٽڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سازش روڪڻ وارن کي ٻڌايو ته وڏي مشڪل سان معيشت ٺيڪ ڪئي، پر اسان ڪجهه نه ڪري سگهياسين،  اڄ اسان جي معيشت هيٺ وڃي رهي آهي ڊالر مٿي وڃي رهيو آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ اسان ڪنهن ملڪ جي غلامي قبول نٿا ڪريون، جيستائين زنده آهيان انهن چورن ۽ ڌاڙيلن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندس،هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ڪوشش ڪئي ته آزاد پرڏيهي پاليسي بڻجي، جيستائين اليڪشن جو اعلان نٿو ڪيو وڃي اسان جي تحريڪ جاري رهندي، ڊونلڊ لو اسان جي سفير کي گهرائي ڌمڪي ڏني، کيس خبر هئي ته عمران خان جي جاءِ تي چيري بلاسم اچي ويندو، انهن جا هتي هينڊلرز ويٺل هئا، گڏجي سازش  ڪئي ۽ اسان جي حڪومت ڪيرائي ڇڏي، هن چيو ته اسان مشڪلات باوجود معيشت ٺيڪ ڪئي، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو، هن چيو ته قيامت جي نشاني آهي ته آصف زرداري نيب ۾ سڌارا آڻي رهيو آهي، اهي اُهي ماڻهو آهن جي ملڪ کي لٽيو هو، جيڪو ملڪ مان فرار ٿيل آهي، وزيراعظم ان سان گڏجي فيصلا ڪري رهيو آهي، نوازشريف جي ڌيءُ به سزايافته آهي، حمزا شهباز کان پڇيو ويو ته اربين رپيا نوڪرن وٽ ڪٿان آيا؟ ته حمزا جواب ڏيڻ بدران ڌمڪي ڏني، هن چيو ته ايف آءِ اي جي ڊاڪٽر رضوان جهڙن ماڻهن کي سلام پيش ڪريون ٿا، انهن (حڪمرانن) ڪيترن ئي ماڻهن کي مارائي ڇڏيو، شهبازشريف تي 24 ارب رپين جي ڪرپشن جا ڪيس آهن پر کيس اين آر او ملي رهيو آهي، ايف آءِ اي ڪيس ختم ڪري رهي آهي، هن چيو ته جيل وڃڻ ۽ جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان پر آمريڪا جي غلامي تسليم نه ڪندس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.