سنڌ ۾ گرمي جي لهر، جيڪب آباد ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ

سکر/جيڪب آباد(نمائندا) سکر شهر ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ گرمي پد 49 ڊگري تائين پهچي ويو آهي، سکر شهر ۾ گرمي ۾ اضافي کانپوءِ مسجدن ۾ اعلان ڪري شهرين کي صبح جو 12هين کان منجھند جو 4 وڳي تائين گھرن ۾ ئي محدود رهڻ ۽ غير ضروري ڪمن سان ٻاهر نه وڃڻ جو صلاحون ڏنيون پيون وڃن. سکر شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گرمي سبب سکر جي سول اسپتال ۽ ٻين سرڪاري اسپتالن ۾هيٽ اسٽروڪ سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن. ٻي طرف سکر شهر ۾ گرمي ۾ اضافي کانپوءِ ٿڌين شين جي وڪري ۾ اضافو اچي ويو آهي، جيڪب آباد ۾ سج باھ وسائڻ لڳو موسميات کاتي مطابق خميس جي ڏينهن گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، شهر ۾ سڄو ڏينهن گرم هوائون هلنديون رهيون شهري گرميءَ کان بچڻ لاءِ  گهرن تائين محدود ٿي ويا، سيپڪو جي طرفان شديد گرمي باوجود شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي طويل لوڊشيڊنگ جي ڪري شهرين سخت اذيت کي منھن ڏيڻو پئجي ويو جڏهن ته واٽر سپلاءِ مان پاڻي جي فراهمي جي بندش ڪري شهري پاڻي جي ڦڙي لاءِ به ترسي رهيا آهن، گرمي ۾ واڌ کانپوءِ شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي مهانگو اگهه تي وڪرو ٿيڻ لڳو.پاڻي، بجلي جي بحران ۽ گرمي جي شدت ڪري شهري وڌيڪ اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.