جيڪب آباد: ماني دير سان پچائڻ تان ڀاڄائي 8 گوليون هڻي قتل

جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي ) جيڪب آباد ويجهو مولاداد ٿاڻي جي حد جهان شاهه ۾ وحشي جوابدار ڏير عطا محمد لوهر 19  ورهين جي نوجوان ڀاڄائي مسمات نظيران زال صوبدار خان لوهر کان گهر ۾ ماني گهري ماني ڏيڻ ۾ دير ڪرڻ جي معمولي ڳالهه تان جوابدار پسٽل جا اٺ فائر ڪري نوجوان ڀاڄائي کي موقعي تي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو اطلاع تي مولاداد پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته عورت جي جسم ۾ اٺ گولين جا نشان آهن اسپتال ۾ مقتولا عورت جي ڀاءُ ارباب لوهر ٻڌايو ته جوابدار عطامحمد ڀيڻ کي بيگناهه قتل ڪيو آهي هن ماني گهري ڏيڻ ۾ ٿوري دير ٿي ته ڪاوڙجي قتل ڪيو اسان ڪڏهن به معاف نه ڪنداسون هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي مولاداد پوليس ٻڌايو ته فريادي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.