قومي عوامي تحريڪ پاران 12 مئي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي 12 مئي جي شھيد محمد نواز ڪنراڻي سميت 48 شھيدن کي 15 ھين ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪندي چيو آھي ته شھيد محمد نواز ڪنراڻي 12 مئي 2007 تي ڪراچي ۾ امن، عدل انصاف ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن ھٿان شھيد ٿيو، جڏھن ملڪ تي ڊڪٽيٽر شپ قائم ھئي، قانون بدران آمريت جي ڪاري رات ھئي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ دھشتگردن جي سرپرست ملڪ جي عوام ۽ معيشت کي يرغمال ڪري ڇڏيو ھو شھيد محمد نواز ڪنراڻي درندگي اڳيان خاموش رھڻ بدران انصاف جي جدوجھد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري دھشتگردي کي شڪست ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.