پاڻي ۽ زراعت جي ترقي لاءِ ڪنهن به ڪم نه ڪيو: سراج الحق

لاهور (پ ر)  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته ڀارت سان واپاري لاڳاپن جو قيام قوم کي ڪنهن به  صورت ۾ قبول نه آهي، ڪشميرين جي رت ۽ ڪروڙين پاڪستانين جي معيشت کي داءُ تي لڳائي نئي دلي سان محبت جون اکيون لڳائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،هن  چيو ته ملڪ جو هاري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪي رهيو آهي ڀارت جي پاڪستان جي دريائن تي دراندازي جا عوامل به پاڻي جي بحران ۾ ذميوار آهي. سراج الحق چيو ته موجوده حڪومتي پارٽيون پهرين به حڪومت ۾ رهيون آهن پاڻي جي مسئلي جي حل زراعت جي ترقي ۽ بحالي جي لاءِ انهن ڪجهه به نه ڪيو. پي ٽي آءِ به ساڍا ٽي سال ضايع ڪيا پر ڪنهن به شعبي ۾ بهتري آڻي نه سگهي، هارين جا مسئلا  حل نه ڪيا ويا ته جماعت اسلامي ڀرپور احتجاج جو مظاهرو ڪندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.