پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد وقت جي ضرورت آهي: ڪرامت علي

ڪراچي (رپورٽر)ايف اي ايس پاران سندس ڪتاب ”ميپنگ آف ليبر يونينز ان پاڪستان“ جي نالي سان ڪراچي جي هڪ مقامي  هوٽل ۾ تقريب ڪوٺائي وئي .جنهن ۾ چئن صوبي جي مزدورن جي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ،سول سوسائٽي ۽ ميڊيا شرڪت ڪئي   تقريب جي صدارت بزرگ مزدور اڳواڻ عبداللطيف نظاماڻي ڪئي، تقريب جي شروعات ۾ ڪتاب جي ليکڪا زينيا شوڪت پاڪستان ۾ مزدور يونين بابت مختصر جائزو پيش ڪيو، جڏهن ته ٻين همعصر ليکڪن محمد رفيق ۽ شجاع قريشي پڻ ڪتاب جي مختلف موضوعن تي روشني وڌي ، سينيئر مزدور اڳواڻ ۽ نيشنل ليبر ڪائونسل جي سيڪريٽري ڪرامت علي وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مزدور تنظيمن جي اتحاد ۽ يڪجهتي سان هڪ پليٽ فارم تحت پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد نه رڳو وقت جي اهم ضرورت آهي پر ان جي اهميت به آهي. عبداللطيف نظاماڻي پڻ چيو ته مزدور تنظيمن جو تجزيو ۽ انهن جي طريقيڪار ۽ جمهوري اصولن کي سمجهڻ مزدورن جي جدوجهد جو لازمي حصو آهي. زهرا خان چيو ته هي ڪتاب مزدور تنظيم جي آپريشنل طريقن ۽ چئلينجن کي سادگي ۽ اختصار سان ڍڪيندو. بلوچستان مان آيل مزدورن جااڳوائڻ چيو ته بلوچستان جي پورهيتن سان وڌيڪ ظلم ٿي رهيو آهي اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس ٺاهيا وڃن پيا،ان موقعي تي سڄي ملڪ مان مزدور تنظيمن جي اڳواڻن اسلم وفا، چوڌري اڪبر، حنيف رامي ۽ پنجاب جي روبينا جميل، خيبرپختونخواهه مان ابرار الله خان، بلوچستان مان سلطان لالا، عبدالستار ۽ حاجي خان زمان، حبيب الدين جنيدي سميت سڄي ملڪ مان آيل مزدور تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.