ايس ايس ٽي پاران پاڻي کوٽ خلاف 15 مئي تي ريلي جو اعلان

حيدرآباد (پ ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، مرڪزي اڳواڻ  نويد عباس ڪلهوڙو، مير نوروز ڪلمتي ۽ مرتضيٰ چانڊيو  پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هارين، مزدورن ۽ شاگردن سميت هر مڪتب فڪر جي ماڻهن جو مسئلو آهي، جنهن خلاف گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي. سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان پاڻي جي کوٽ خلاف 15 مئي تي سچل ڳوٺ، ڪراچي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي ۽ جون جي مهيني ۾ “پاڻي جي کوٽ جا شاگردن تي پوندڙ موتمار اثر” جي عنوان سان لاڙڪاڻي ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي حصي جو 90 سيڪڙو پاڻي پنجاب جا جاگيردار چورائي ويا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.