جيڪب آباد ۾ بدامني، ٽرانسفارمر مان سامان لاهي چوري

جيڪب آباد (  ڊر ) جيڪب آباد ۾ گذريل هڪ مهيني دوران سيپڪو جا ٽرانسفارمر لاهي ڪري هن مان قيمتي سامان چوري ڪرڻ جون  وارداتون ٿي رهيون آهن، نامعلوم چور 100 ڪي وي جو ٽرانسفارمر کڻي ويا.گذريل ڏينهن ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سعيد آباد مان ٽرانسفارمر لاهي هن مان قيمتي سامان ڪوائل ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، واقعي کانپوءِ علائقي جي رهواسين بجلي کان محروم ٿي ويا، شڪايت باوجود سيپڪو عملدارن نوٽس نه ورتو، جيڪب آباد ۾ به ٽرانسفارمر چوري ٿي رهيا آهن، علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ سيپڪو عملدارن کي آگاھ ڪيو آهي پر هن محل تائين ڪوئي گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي انهي سلسلي ۾ ايڪسيئن سيپڪو سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان جو سندس نمبر تي اٽينڊ نه ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.