لاڙڪاڻو رتوديرو روڊ تي ڪار جي ٽڪر ۾ نوجوان زخمي، پيرسن فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر ) لاڙڪاڻو رتوديرو روڊ تي تيز رفتار ڪار  پيرسن ۽ نوجوان مٿان چڙهي وئي، حادثي ۾ پيرسن فوت ۽ نوجوان زخمي ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه شام ڌاري لاڙڪاڻو رتوديرو روڊ تي تيز رفتار ڪار لاڙڪاڻي علاج لاءِ ايندڙ ٻن ڳوٺاڻن مٿان چڙهي وئي نتيجي ۾ ڌامراهه جي ڳوٺ الاهي بخش گوپانگ واسي 60 ورهين جو پيرسن صاحب خان گوپانگ ۽ نوجوان خليل گوپانگ سخت زخمي ٿي پيا، حادثي بعد ڳوٺاڻن پهچي ڪار ڊرائيور کي سوگهو ڪري حد جي ڌامراهه ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ زخمين کي علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي علاج دوران پيرسن زخمن جا سور نه سهندي پيرسن فوت ٿي ويو جنهن جي لاش مٿان سندس وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا ۽ زخمي کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي فوتي پيرسن جي ڀاڻيجي غلام فريد گوپانگ ٻڌايو ته منهنجو مامو صاحب خان پنهنجي علاج لاءِ نوجوان خليل گوپانگ سان گڏ رتوديرو روڊ تي سواري جي انتظار ۾ هئو ته تيز رفتار ڪار سندن مٿان چڙهي وئي جنهن ڪري مامو فوت ٿي ۽ نوجوان سخت زخمي ٿيو آهي هوڏانهن فوتي پيرسن جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گھر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.