گهوٽڪي جو اسڪول سهولتن کان محروم، شاگردياڻيون پريشان

خانپور مهر ( ن ع آ ) گھوٽڪي ضلعي جي مختلف تعلقن خانڳڙھ، گھوٽڪي، ميرپورماٿيلو، ڏھرڪي ۽ اوٻاڙو جي سرڪاري اسڪولن  ۾ فرنيچر جي کوٽ برقرار آھي، جنھن سبب اسڪول ۾ ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبورآھن، شديد گرمي سبب اڪثر اسڪولن ۾ بجلي جو نظام به ڊانواڊول آھي. اسڪولن ۾  پيئڻ جي صاف پاڻي کان علاوہ سرڪاري  اسڪول جديد سھولتن کان محروم بڻيل آھن، اڪثر اسڪولن جون عمارتون زبون حالي جو شڪار آھن، اڪثر تعلقن جي اسڪولن ۾  ڪٿي شاگردن نه ھئڻ جي برابر آھن ته ڪٿي وري استاد موجود نه آھن ته ڪٿي وري سوين شاگردن کي پڙھائڻ لاءِ  صرف ھڪ استاد موجود آھي،استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ  سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي تعليم کاتي پاران  آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ وٺي استاد جي  نين ڀرتين جو سلسلو شروع ڪيو ويو، ان باوجود به گھوٽڪي ضلعي اندر 600  کان وڌيڪ پرائمري ليول تي استادن جون جايون خالي رھجي وڃڻ جو خدشو آھي، جنھن سبب تعليمي نظام شديد متاثر ٿيندو، ذريعن موجب نئين ڀرتين ڪرڻ باجود به ضلعي جي مختلف تعلقن خانڳڙھ،ميرپور،اوٻاڙو ۽ ٻين تعلقن ۾ 650 کان مٿي پرائمري استادن جون جايون خالي رھجي وينديون تعليم کاتي جي اعتماد جوڳن ذريعن موجب  صرف تعلقي خانڳڙھ ۾ پرائمري ليول تي استاد جون تقريباََ 120 پوسٽون خالي پيل ھيون جتي آءِ بي اي جي نين ڀرتين باوجود 45 سيڪڙو جايون بچي پونديون ھوڏانھن آءِ بي اي ٽيسٽ م 50 کان مٿي مارڪون کڻندڙ اميدوارن نثاراحمد بلوچ، عبيد ڪولاچي، آغا اياز پٺاڻ، اقرار احمد گبول، صبغت الله ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ھنن تعليم کاتي پاران اھڙن ڪجھه ضلعن ۾ 55 مان پاسنگ مارڪون  گھٽائي 50 ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن  جتي اميدوار گھٽ پاس ٿيا آھن ۽ استادن جون جايون خالي آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.